اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ع??ب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ۽ سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو هڪ پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ خادم الحرمين الشريفين صدر، فوت ٿيندڙن ??ي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت ڪئي آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته اسان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ توهان سان گڏ آهيون. سعودي ع??ب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پڻ صدر کي اهڙو ئي پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ هن چيو ته سعودي ع??ب ان افسوسناڪ صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد صدر ۽ فوت ٿيندڙن ??ي گهرڀاتين سان پنهن??ي گهري ڏک ?? دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن ??ي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.