اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپاري برادري خاص طور تي واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ د?? کولي حصو وجهن ۽ ٻوڏ کان متاثرين جي مدد ڪن، واپاري برادري پنهنجي ڪاروبار ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ سميت ملڪ جي موجوده معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي اختيار ڪري، پنهنجي مصنوعات جي قدر ۾ اضافي ڪري ۽ نئين منڊين جي ڳولا ڪر??. ص??ر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز (آءِ سي ايس ٽي اينڊ ايس آئي) جي اچيومينٽ ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ سي ايس ٽي اينڊ ايس آئي جي صدر محمد زاهد ۽ واپاري برادري جي اڳواڻن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئ??. ص??ر تقريب کي خطاب ڪندي ملڪ جي انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اسان جي نوجوانن ۽ عورتن جي آبادي کي بهتر بڻائڻ سان پاڪستان کي تيز رفتار ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان کي علم تي ٻڌل معيشت جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گ??رج?? ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي بي پناهه انساني وسيلن کي جديد ترين فني مهارتن سان آراسته ڪرڻ گ??رج??. ص??ر واپاري برادري کي چيو ته اها پنهنجي ڪاروبار ۽ واپار جي بنياد ايمانداري، ديانتداري، ذميواري، معيار، اعتماد ۽ احترام ۽ صارفين جي اطمينان جي اخلاقي قدرن تي رکي ته جيئن مارڪيٽ ۾ پنهن??ي پوزيشن کي مستقل طور تي مستحڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته صارفين جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي ڪارپوريٽ سماجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ شين ۽ خدمتن جي معيار کي برقرار رکي مستحڪم بنيادن تي نيون منڊيون حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيمبرز آف ڪامرس تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ميمبرن جي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ پنهنجي مصنوعات ۽ خدمتن جون نمائشون منعقد ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري، ان سان گڏوگڏ آن لائين مارڪيٽنگ جي سهولتن کي استعمال ڪندي پنهنجي صارفين جي انگ ۾ اضافو ڪري ته جيئن اهي پنهنجي ڪاروبار کي سگهه ڏئي سگهن. صدر ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي معاشي ترقي جي رفتار ۾ هڪ مثالي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري تي زور ڏنو ته هو معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پنهن??ي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري، ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏي ۽ وڌيڪ ڪاروبار کي پنهنجي دائري ۾ آڻڻ جي لاءِ ميمبرسازي کي وڌائ??. ص??ر چيو ته فيصلاسازن کي ملڪ ??ي پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ چٽاڀيٽي جي لاءِ مشاورتي عمل جي ذريعي وقت سر فيصلا ڪرڻ گ??رج??. هن ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها عالمي سطح تي مڃيل اخلاقي قدرن، ماحولياتي، حفظان صحت ۽ حفاظت جي معيار کي برقرار رکندي پنهنجي مصنوعات کي عالمي سطح تي مارڪيٽ ڪر??. ص??ر چيو ته حڪومت جو فرض اهي ته اها واپاري برادري جي تجويزن جو جائزو وٺي ۽ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي ڪاروباري برادري کي مناسب رعايتون فراهم ڪري ته جيئن ڪاروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائي سگهجي، ان سان نه رڳو ڪاروبار ۾ بهتري ايندي پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا به وڌندا. ڊاڪٽر عارف علوي واپار جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته واپار هڪ عظيم پيسو آهي ۽ ان تي اسان جي نبي محمد ﷺ سميت الله جي نبين عمل ڪيو آهي، اسلام دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ تلوار جي زور سان نه پر مسلمان واپارين جي منصفاڻي، ديانتداراڻي ۽ سچي طرز عمل سان پکڙيو آه??. ص??ر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها عورتن کي محفوظ ۽ هراسان ڪرڻ کان پاڪ ڪم جو ماحول فراهم ڪري ۽ انهن کي ڪم واري جڳهه تي سهولتون فراهم ڪري ڪاروبار ۽ صنعت ۾ انهن جي حصيداري ۾ اضافو ڪري. هن چيو ته عورتن کي سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين کان روڪڻ جو ڪو مذهبي بنياد نه آهي پر اها اسان جي ثقافت ۽ معاشري ۾ سرايت شده ثقافتي ۽ انساني تعصبن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اهڙن عقيدن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي ڇو ته حضرت خديجه رضه الله عنها هڪ ڪاروباري عورت هئي جيڪا ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺندي هئي ۽ پنهنجي ڪاروباري ادارن کي فعال طريقي سان هلائيندي هئ??. ص??ر چيو ته عورتن جي شموليت جي خلاف ثقافتي ۽ ساختي رڪاوٽن کي ماڻهن کي تعليم ڏئي ختم ڪرڻ گ??رج?? ۽ ڪاروبار، واپار، سيڙپڪاري ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ مثبت قدم کڻڻ گ??رج??. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسلام ۽ ائين عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ جي باوجود ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ عورتن کي انهن جي وراثت ۽ ملڪيت جي حق کان محروم رکيو پيو وڃ??. ص??ر تقريب دوران مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا.