اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شهيد قوم جو اثاثو آهن، وطن جي لاءِ انهن جي خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن 19 سيپٽمبر تي ات?? وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي نذر محمد جي ڀاءُ سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر شهيد جي ڀاءُ سان تعزيت جو اظهار ?? خاندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيد جي بلند جي درجن ۽ گهروارن جي لاءِ صبر ?? جميل جي دعا به ڪئي. صدر چيو ته ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جان جي قرباني پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا.