اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت کي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين سوچ، جرئتمنداڻي ويزن ??ي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي روانو ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته عالمي معيشت جي مو??ود?? صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته معيشت کي درپيش مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين سوچ ۽ جرئتمنداڻو ويزن ??ختيار ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته معيشتن کي نقصان پهچندڙ عالمي ٻاڙائي سا?? معيشت کي خطرن بابت شديد خدشا آهن. وبا ۽ آبهوا سا?? پيدا ٿيندڙ آفتن اڳ ۾ ئي اسرندڙ ملڪن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. وقت اچي ويو آهي ته دنيا بامقصد ڳالهين جي ذريعي وڌندڙ چئلينجن جو حل ڳولي.