اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ميل جي معذرت مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي، شهبا?? شريف تي ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، معافي ڊيلي ميل کي نه عمران خان ۽ شهزاد اڪبر کي وٺڻ گهرجي، جن ڊيوڊ روز کي ڀر ۾ ويهاري شهبا?? شريف جي خلاف سازش ڪئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊيلي ميل جي معافي سان رڳو شهبا?? شريف نه پر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر شريف خاندان تي بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام هنيا، عمران خان 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪ??و. ??ن چيو ته عمران خان نيب جو ريفرنس ڊيلي ميل ??ارن جي حوالي ڪيو هو، عمران خان ڊيوڊ روز کي گهرائي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري شهبا?? شريف جي خلاف سازش ڪئي ۽ ان کان ٽاڪ شوز ڪرايا، هي چوندا هئا ته شهبا?? شريف زلزلي سٽيلن جا پئسا کائي ويو، هنن ان شخص تي الزام هنيا جنهن 10 سال پنهنجي رت پگهر سان پنجاب کي ترقي ڏني. هن چيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر ماڻ??ن جا پٽڪا لاٿا، انهن تي الزام هنيا، ڊيلي ميل جيڪي الزام هنيا ان تي هي عدالت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهبا?? شريف جي خلاف پورو ڪيس ٽرائل مان گذريو جنهن کانپوءِ ڊيلي ميل شهبا?? شريف کان غيرمشروط معافي ورتي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي مسلم ليگ (ن) جا سمورا اڳواڻ ڪرپشن جي ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿي رهيا آهن.