اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي توا??ائ?? تي منتقلي جي انقلابي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ??لندي، بجلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ سان توا??ائ?? جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ پاڻڀرو ٿيندو ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪري سگهبو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته حڪومت سولرائيزيشن جي منصوبي جي پهرين قدم جي طور تي اپريل 2023ع تائين سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن کي شمسي توا??ائ?? تي منتق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان انقلابي قدم سان توا??ائ?? جي درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ??لندي. وزيراعظم چي?? ته وفاقي سيڪريٽرين سان ملاقات ۾ هن سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فعال قيادت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چي?? ته ان حوالي سان پوري عمل جي شفافيت، پري ڪواليفيڪيشن ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي ويندي، اسان سرڪاري ملازمن جي محنت جو اعتراف ڪنداسين. وزيراعظم چي?? ته درآمدي توا??ائ?? جي لاڳت اٽڪل 27 بلين ڊالر ساليانو آهي، ان تي دارومدار غيرپائيدار آهي. هن چي?? ته بجلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن مان فائدو کڻڻ تي حڪومت جي ڌيان سان توا??ائ?? جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ??لندي.