اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل تائين پاڪستاني قوم سک سان نه وي??ندي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان هڪ خصوصي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم ??شمير سان يڪجهتي جي تيارين جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪسمير جي حڪومتن جي نمائندن ڪشمير سان يڪجهي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان وزيراعظم ??ي بريفنگز ڏنيون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم ??يو ته ڀارت گذريل 75 سالن کان ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪري رکيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن کانپوءِ ڪشميرين کي ڀت سان لڳايو وي?? ۽ تازن ڏينهن ۾ ڀارت جي ڪشميرين تي ظلمن ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. وزيراعظم ??يو ته ڪشميرين جو آواز پوري دنيا ۾ پهچايو وي??دو، ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل تائين پاڪستاني قوم سان سک نه وي??ندي. وزيراعظم هن سال ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي کي موثر انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن جي نمائندن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان بريفنگز ڏنيون. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ ريليون، واڪ، تصويري نمائشون، تقريرن مقابلا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وي??ديون. اجلاس ۾ ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي امين الحق، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.