ڪولمبو – 03 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر جمعي ڏينهن سريلنڪا جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گادي واري شهر ڪولمبو پهتي. سريلنڪا جي سياحت واري وزير ڊيانا گيميج، پاڪستان جي سريلنڪا ۾ ه??ءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) عمر فاروق برقي ۽ ه??ءِ ڪميشن جي ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير سريلنڪا جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران سريلنڪا جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کانسو??ءِ هو پنهنجي هم منصب سميت سريلنڪا جي قيادت سان ملاقات ڪندي.