اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، جاپان پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽرانسميشن ۽ نشرياتي ن??ام کي جديد بڻائڻ ۽ بهتري لاءِ تعاون ڪري. اها ڳالهه هن جاپان جي سفير تاڪاشي ڪورائي سان ملاقات دوران چئي جنهن س??ڻس الوداعي ملاقات ڪئي.