اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين حڪومتي سر??را??ن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جناح ڪنوينشن سينٽر آمد تي حڪومتي سر??را??ن ۽ نمائندن جو والهاڻو استقبال ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ساڻس گڏ هئا. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ايران جي صنعت واري وزير سيد مح??د اتابڪ سڀ کان پهرين جناح ڪنوينشن سينٽر پهتا جتي وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندن آجيان ڪئي. جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوهر رس??ل زاده، بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولو وچينڪو، ڪرغزستان جي ڪابينا جي وزيرن جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسراي، ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله اريپوف، ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ۽ قازقستان جي وزيراعظم اولز هائوس بيڪو تينوو، ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر جي آجيان ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ اجلاس ۾ شريڪ ايس سي او اڳواڻن گروپ فوٽو ڪڍرايو. استقبال کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين حڪومتي سر??را??ن جو اجلاس باضابطه طور تي شروع ٿيو.