اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي ڪورونا سان گڏوگڏ غربت جو چئلينج به درپيش آهي، ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متاثر ملڪن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي ??وندي، صحت جي نظام جي بهتري ۽ ٻين قدمن جي لاءِ مالياتي انتظام جي ض??ورت آهي، موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قرضن ۾ رليف گهربل هوندو، ڪروڙين ماڻهن کي بک کان بچائڻ جي لاءِ معيشت کي کولڻ ضروري آهي، انتظاميا سان گڏ رضاڪا فورس به ميدان ۾ لاٿي آهي، متاثر خاندانن جي لاءِ ??حساس ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، هلندڙ سال اسان جي ملڪ جي لاءِ ??مام گهڻو مشڪل ثابت ٿي رهيو آهي، اسان تمام مشڪل سڌارن کانپوءِ ??اري کاتن ۽ مالي خسارو گهٽ ڪيو، جيستائين ويڪسين نه ٿي اچي ملڪ ۽ قوم جي حيثيت سان ان وائرس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم ۾ ڪوويڊ ايڪشن پليٽ فارم کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.