اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪ?? طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي سفير شڪرالله عاطف مشعل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاخوش_قسمت_انعام_اسپن/105646.html">ري ??يان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم عمران خان سمورن پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪ?? طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيو.