اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سا?? پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر پارٽي اڳواڻن هتي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پارلياماني معاملن وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ اجلاس ۾ پارلياماني ۽ قانونسازي بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم وارو وزي?? شفقت محمود، منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، قانون وارو وزير بئريسٽر فروغ نسيم ۽ احتساب بابت صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر به اجلاس ۾ شريڪ هئا.