اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 12 سيپٽمبر 2020ع کا انٽرا افغان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آخرڪ??ر اسان جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آهي جنهن جو افغان عو??م کي ڪيترن ئي سالن کان انتظار هو، هن چيو ته تقريبن 40 سالن تائين افغانين مسلسل تڪرارن ۽ رتوڇاڻ کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي و??قعن، قيمتي جانين جي نقصانن ۽ وڏي معاشي نقصانن کان آگاهه آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته مون هڪ ڊگ??ي عرصي کان اها ڳالهه واضح ڪندو آيو آهيان ته افغانستان ۾ تڪرارن جو ڪو فوجي حل نه آهي، ۽ تڪرارن کي صرف سياسي ڳالهين جي ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪستان اڻٿڪ ڪوششن سان افغان امن عمل ۾ مدد ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اهو وقت اچي پهتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريون ٿا ته اسان ان حوالي سان پنهنجي ذميداري پو??ي ڪئي آهي