ڪراچي – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مختلف صحافتي ادارن سان وا??يل ص??اف??ن ۽ ٻين ملازمن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي جي لاءِ حڪومت هڪ اهڙو مڪينزم ٺاهي رهي آهي جنهن جو تعلق اشتهارن جي بلن جي ادائگي سان هوندو، حڪومت ميڊيا هائوسز کي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي ادائيگي ڪئي آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته ان رقم سان صحافتي ادارن سان وا??يل ص??اف??ن ۽ ٻين ملازمن جي پگهارن جي ادائگي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي ص??اف??ن سان ڳالهائيندي ڪيو.