اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز تي سم??ريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ڀارت پاڪستاني سياسي پارٽين کي ورهائڻ چاهي ٿو، ڪرپشن جي خلاف جلسا ڪرڻ ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ تي جلسا ڪندڙ ڪشمير مسئلي تي فوڪس ڪن، ڀارت کان شم??ه معاهدي بعد ڳ??له??ن جا ڪيترائ?? دور ڏسي ورتا، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قر??رد??دن سان حل ڪرائڻو پوندو. اسلام آباد کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين ڪڍيل ڪشمير ريلي کانپوءِ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته ڪشمير ڪاز تي سم??ريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ڀارت ۾ هندو توا ۽ آر ايس ايس جو راڄ آهي، ڪشميري اڳواڻ ٻيڙيون ساڙي چڪا آهن هاڻي آزادي کانسواءِ ڪجهه نه، سم??را ڪشميري گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، ياسين ملڪ تهاڙ جيل جي ڊيٿ سيل ۾ آهي، علي گيلاني جي حالت گهڻي خراب آهي، ڪشميري حريت پسند اڳواڻن ۽ قائداعظم جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڪشميري 8 لک فوج جي گهيراءُ ۾ آهن.