اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن هندستان عالمي قانون غيور ڪشميري عوام جي امنگن ۽ حقن کي پائمال ڪندي مسلم اڪثريتي آبادي ??ي مشتمل رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو، اِهو اَهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميري عوام کي محڪو بڻائڻ لاءِ پنهنجي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿي، وفاقي وزير 27 آڪٽوبر يوم سيا??ه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنج?? پيغام ۾ چيو ته بهادر ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم، ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي خودمختياري واري حق کي ??اصل ڪرڻ لاءِ عظيم جدوجهد ڪري رهيا آهن.