اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مخالف ڌر پاران ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غيرذميواراڻي سياست قر??ر ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخالف ڌر پار??يو?? پارليامينٽ تي به اعتماد نه ٿيون ڪن، مخالف ڌر کي ان غيرذميواري تي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، حڪومت پنهنجي پاليسي ۽ موقف تي مضبوطي سا?? بيٺل آهي، مخالف ڌر سا?? يا مخالف ڌر کانسواءِ عوام جي ڀلائي، روزگار جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي سا?? جمهوريت جا دعويدار هر معاملي کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، حڪومتي ايس او پيز جي خل??ف ورزي تي پي ڊي ايم پشاور جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ قائدين جي خل??ف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڄاڻي واڻي عوام جي جان کي خطري ۾ وجهندڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياط ئي واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت عوام جي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ان جي لاءِ سخت پابنديون پڻ لڳايون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سا?? بريفنگ ڏئي رهيو هو.