اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ??رج?? سگهجي. سينيٽ ۾ سينيٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي سينيٽ جي تعزيتي سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ساٿي جي لاڏاڻي تي سڀني کي ڏک آهي، هي ??يو??ن هڪ خاندان وانگر آهي ۽ خاص طور تي اهڙو ميمبر جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ ??يو??ن جي ڪارروائي ۾ پنهنجي شرڪت ر??عي متحرڪ ۽ ف??ال رهيو هجي ته ان جي کوٽ تمام گهڻي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، کيس شعر ۽ شاعري سان وڏو لڳاءُ هو. هن چيو ته موت برحق آهي. شبلي فراز چيو ت?? زندگي ۾ اسان جيڪي سٺا ڪم ڪريون ٿا ۽ جيڪو اسان جو اخلاق آهي، اهو ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.