اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ برطانيا سمي?? دنيا جي ??ختلف ملڪن جي ??ارليامينٽن جي سربراهن، اسپيڪرز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرز کي مسجد اقصيٰ ۾ معصوم فلسطيني نمازين تي رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ تازي اسرائيلي جارحيت طرف ڌ??ان ڇڪرائڻ جي ??اءِ خط لکي ڇڏيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب خطن ۾ انهن جو ڌ??ان اسرائيلي ظلمن طرف ڇڪرائيندي چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڪارروايون عالمي انساني حقن ۽ قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. ڪو به مذهب عبادتگذارن تي اهڙي قسم جي بربريت جي اجازت نه ??و ڏي. سينيٽ چيئرمين چيو ته انهن ظلمن جي سمورن ملڪن پاران واضح طور تي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ فلسطين مسئلي جو پرامن حل ڪڍڻ گهرجي ته جيئن فلسطيني مسلمان سک جو ساهه کڻي سگهن.