اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سع??دي ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان جي دعوت تي سع??دي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحولياتي تبديلين وارو خاص معاون ملڪ امين اسلم پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماحولياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي پڻ اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي. وچ اوڀر خطي جي حوالي سان اهڙي قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي. وزيراعظم عمران خان سع??دي قيادت سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ سع??دي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لا??اپن تي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سع??دي عرب ۾ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ ناليوارن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستان ۽ سع??دي عرب ج?? وچ ۾ تار??خي ڀائراڻا، گڏيل عقيدي، تار??خي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لا??اپا آهن. سع??دي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ لا??اپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن. وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ سع??دي عرب ج?? وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.