اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، هلند?? مالي سال جي پڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ميڪرو اڪنامڪ مشاورتي گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي موجودگي ملڪي معاشي ۽ اقتصادي صورتحال، ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز ۾ سراسري بهتري، ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبابندي ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي باوجود معاشي ترقي جي شرح کي وڌائڻ ۽ پائيدار بڻائڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومتن جي پيدا ڪيل معاشي بحرانن ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو بهترين معاشي پاليسين سان مقابلو ڪرڻ تي عالمي سطح تي پاڪستان جي پذيرائي ٿي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران جڏهن پوري دنيا جا ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار هئا، حڪومت جي بهترين حڪمت عملي جي ڪري معاشي ترقي جي شرح 3.9 رهي، هلند?? مالي سال جي پڄاڻي تي پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ ا??اف?? جو امڪان آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ڪري گردشي قرضن ۾ گهٽتائي واقعي ٿي آهي، روينيو ۾ 35 سيڪڙو ا??اف??، جنهن ۾ صرف ٽيڪس جي مد ۾ ئي 32 سيڪڙو ا??اف??، روانگي واپار ۾ ا??اف??، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار ۽ ويليو ايڊيشن ۾ ا??اف?? خوش آئند?? آهي، صنعتي خام مال جي درآمد ۾ ا??اف?? نه رڳو صنعتي ترقي پر روانگي واپار ۽ مقامي کپت جي نتيجي ۾ روينيو ۾ ا??اف?? کي يقيني بڻائيندو. اجلاس کي ايگريڪلچر ٽرانفارميشن پلان تي اڳڀرائي ۽ ان جي ڪري پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ ا??اف?? تي به تفصيلي آگاهه ڪيو ويو، ان کانسواءِ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ متوقع گهٽتائي جي ڪري عوام تائين رليف پهچائڻ ۾ مدد تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا معاشي انگن اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن. حڪومت نه رڳو گذريل حڪومت جي وراثت ۾ ڇڏيل معاشي بحرانن پر ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ معاشي مشڪلاتن جو بهترين طريقي سان مقابلو ڪيو، وزيراعظم چيو ته هاڻي معيشت پائيدار ترقي جي طرف گامزن آهي، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار، ويليو ايڊيشن، روينيو ۽ روانگي واپار ۾ ا??اف?? واضح ڪري ٿو ته حڪومتي معاشي پاليسيون صحيح رخ ۾ جاري آهن، هلند?? مالي سال جي پڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. وزيراعظم معاشي مشاورتي گروپ جي ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ معاشي رليف کي عوام تائين جلد پهچائڻ جا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، توانائي واري وزير حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ڊاڪٽر راشد امجد، ڊاڪٽر سيد سلمان شاهه، ثاقب شيراني، ڊاڪٽر اشفاق حسن خان، ناڻي واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ، ايف بي آر چيئرمين محمد اشفاق احمد، ناڻي ۽ اقتصادي واري وزارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر امتياز احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين، سيد سليم رضا، ڊاڪٽر اعجاز نبي، ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري ۽ داڪٽر نديم الحق وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.