اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ نئ??ن منڊين جي ڳولا ڪرڻ جي ??رو??ت آهي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اسپيڪر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي افغانستان بابت ايلچي صادق خان وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ايوب آفريدي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڪريم خان، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين، ڪامرس سيڪريٽري ۽ انڊسٽري واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ واپار، افغان ٽرانزنٽ ٽريڊ ۽ ٻاهر??ن ملڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ سميت ٻ??ن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر اسد قيصر ان موقعي تي چيو ته وچ ايشيائي رياستون وڏيون واپاري منڊيون آهن، جنهن تائين پهچ لاءِ ڪي پي ڪي، افغانستان گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته واپاري خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ نئ??ن منڊين جي ڳولا ??رو??ي آهي، مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ۽ ٻاهرين واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ اڳوڻي فاٽا ۽ پاڪ افغان باڊر کي اڪنامڪ زون قائم ڪيا وڃن، اسد قيصر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ٻاهرين واپار جي فروغ لاءِ خصوصي ٽيڪينڪل گروپ جوڙيا وڃن، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فري ٽريڊ معاهدي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. ٻاهرين واپار جي فروغ جا سڀني کان وڌيڪ موقعا موجود آهن. جنهن سان واپاري سرگرمين ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو آهي، هن هدايت ڪئي ته واپاري سرگرمين ۾ ڪنهن به صورت ۾ رڪاوٽ نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ٽرانزٽ ٽريڊ جي مصنوعات جي پيداوار شروع ڪرڻي آهي ان حوالي سان افغان سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، اسان وٽ پيداور جي گهٽتائي آهي تنهن ڪري اسان کي پنه??جي پيداوار کي وڌائڻ جي ??رو??ت آهي. اسان انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين پهچ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستاني مصنوعات کي عالمي سطح تائ??ن متعارف ڪرايو وڃي. ملڪ ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافي سان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو.