اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آه??، ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن جي نمائندگي وڌيڪ آه?? ۽ اقليتن کي وڌيڪ حق ڏنا ويا آه??. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبر لال چند مالهي جي قيادت ۾ اقليتن جي وفد سان ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته سنڌ صوبو مذهبي هم آه??گي ۽ برداشت جي حوالي سان ڊگهي تاريخ جو امين آه??. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سدائين ملڪ جي سمورن شهرين جي عقيدي ۽ مسلڪ کان مٿانهون هڪ جهڙن حقن جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ ڪي??رائي قدم کنيا آه??، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ?? هندومت ۽ ٻڌمت جا تاريخي مذهبي آثار آه?? ۽ انهن علائقن ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آه??. صدر پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.