اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪيچ بلوچستان ۾ فوجي چوڪي تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پر??يهي وزير چيو ته بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر سپ??ٽن جي جرئت ۽ بهادري کي پوري قوم سلام پيش ڪ??ي ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ جي تحفظ خاطر، شهادت ماڻيندڙن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته امن دشمن عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي دم پٽينداسين. دهشتگردي جي خلاف پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پر??يهي وزير شهيدن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.