اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي هنگو مان پاڪستان تحريڪ انص??ف جي قومي اسيمبلي ميمبر خيال زمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انص??ف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمو?? قريشي چيو آهي ته حاجي خيال زمان انتهائي مخلص شخصيت جو ما??ڪ هو، حاجي خيال زمان جي پارٽي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي گهرڀاتين ۽ پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي.