لاهور – 10 – مارچ (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ ترقياتي ۽ سماجي تحفظ جا منصوبا شروع ڪيا آهن، ڪموڊٽي سُپر سائيڪل جي باوجود حڪومت تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ گورننس جي بهتري لاءِ مانيٽرنگ جو جديد نظام متعارف ڪرايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پن??اب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت ۽ اسپيشل مانيٽرنگ يونٽ پن??اب جي سربراهه فضيل آصف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاق??ت ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.