اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) حڪومت پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب گذريل 15 ڏينهن جي ل??ءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي فيصلي موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي ج?? باوجود ايندڙ 15 ڏينهن جي ل??ءِ پيٽروليم مصنوعات جون موجوده قيمتون برقرار رهنديون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جون موجوده قيمتون برقرار رکڻ جي ل??ءِ حڪومت 16 مارچ کان 31 مارچ تائين وڌي?? 30 ??رب رپين جو بار برداشت ڪندي. هن وقت في ليٽر پيٽرول جي قيمت 149.86 رپيا، ه??ءِ اسپيڊ ڊيزل 144.15 رپيا، لائيٽ ڊيزل آئل 118.31 رپيا ۽ گاسليٽ جي قيمت 125.56 رپيا في ليٽر آهي.