اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحيت رکي ٿو، ٽيڪنالاجي جو استعمال انسانيت جي ترقي لاءِ ٿيڻ گهرجي، ڀارت پاران ميزائل پاڪستان اچڻ ان??ها??ي غيرذميداراڻو فعل آهي، غيرذميداراڻا قدم ڪنهن به وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اسان جي پهرين ترجيح ملڪي دفاع کي مستحڪم بڻائڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن اسپارڪو جي اهتمام هيٺ ”عالمي اسپيس ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اسپارڪو جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، خلائي تحقيق جا سائنسدان، غير ملڪي نمائندن ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي. صد?? چيو ته اسان خلا جو پرامن استعمال چاهيون ٿا، پاڪستان کي پنهنجو ??يٽ??ائيز ٺاهڻا آهن ۽ اسان کي پاڻ ڀاڙڻ جي منزل حاصل ڪرڻي پوندي، هن چيو ته پاڪستاني قوم مضبوط عزم رکندڙ آهي ۽ هو ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ علم جي بنياد تي اسان ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ترقي جو عمل انسانيت جي فلاح آهي، نه وري تباهي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي، دنيا توانائي جي قابل تجديد ذريعن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته بهترين اخلاقي قدرن جي حامل قيادت ئي قوم جي رهنمائي ڪري سگهي ٿي، صد?? ماحولياتي تبديلي جو ذڪر ڪندي چيو ته اوزون جي تهه ۾ گهٽتائي کي روڪڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي، ??يٽ??ائيٽ ٽيلي ميٽري سان پاڻي جي وهڪري ۽ مقدار کي جانچي سگهجي ٿو، هن چيو ته دنيا معاشي لحاظ کان مضبوط ملڪ جي ڳالهه ٻڌندي آهي، صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ڪانفرنس ۾ شريڪ غير ملڪي نمائندن جو پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان خلائي ٽيڪنالاجي کي پرامن مقصدن لاءِ استعمال ڪندو. ڪجهه ملڪ ??يٽ??ائيٽ تب??هه ڪرڻ جا تجربا ڪيا آهن، صد?? چيو ته حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي خاص طور تي خلائي تحقيق کي ان??ها??ي اهميت ڏئي رهي آهي، صد??رت جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ اسپارڪو جو دورو ڪيو ۽ مختلف وزارتن کي اسپارڪ سان ڳنڍي ڇڏيو. خلا ۾ ??يٽ??ائيٽ موڪلڻ لاءِ اسپارڪو جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. روس کانپوءِ پاڪستان پهريون ايشيائي ملڪ هو جنهن ماضي ۾ ??يٽ??ائيٽ خلا ۾ موڪليو هو، داڪٽر عارف علوي چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ 1974ع ۾ ايٽمي تجربو جنهن تي اسان جي سائنسدانن 7 سالن ۾ ڊيٽرينس تيار ڪيو، صد?? چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ خلائي تحقيق ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي خلائي تحقيق جي شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اڻٽر آهي. ان کان اڳ اسپارڪو جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم به تقريب کي خطاب ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ صد?? جي شرڪت تي ان جو ٿورو ادا ڪيو.