اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شه??اده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود وزيراعظم شه??از شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??ارڪباد تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم م??مد شه??از شريف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شه??اده محمد بن سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عرب جي بي مثال ترقي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذ??يل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ۽ تاريخي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم م??مد شه??از شريف انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم م??مد شه??از شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورمن تي سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ سعودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو. وزيراعظم م??مد شه??از شريف ۽ سعودي ولي عهد سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد وزيراعظم م??مد شه??از شريف کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم م??مد شه??از شريف پڻ ولي عهد لي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.