اسلام آباد – 07 – مئي (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سينيئر صحافي خالد هميد فاروقي جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، خالد حميد فاروقي سنجيده طبيعت ۽ اعليٰ صحافتي معيار رکندڙ صحافي هو، هو يورپ مان پاڪستاني صحافي طور مشهور هو، تازي يوڪرين جنگ ۾ به هن هڪ نئين صحافتي تاريخ لکي هئي. هن چيو ته مرحوم هڪ تمام سٺو ۽ محنتي انسان، ق??بل ۽ باخبر صحافي هو. اطلاعات واري وفاقي مريم اورنگزيب وزير خالد حميد فاروقي مرحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دعا ڪئي ته الله ت??اليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.