اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبدي??ي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي ??فد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن ??ي وفد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ميمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. موسمياتي تبدي??ي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق آمريڪي ??فد کي ٻوڏ متاثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت متاثرن جي بحالي لا??ِ گهربل امداد جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جا ڏاکڻا عل??ئق?? اڃا به پاڻي هيٺ آهن، جيڪي انساني صحت لا??ِ خطرناڪ آهن. هن چيو ته پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري اسان هيلٿ ايمرجنسي طرف وڃي رهيا آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لا??ِ فوري امداد جي ضرورت آهي. ان موقعي تي آمريڪي ??فد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد سانوڻي جي تباهڪارين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.