نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي سي او پي 27 جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ??ه موسمياتي تبديلي سمورين قومن ۽ ماڻهن جي لا??ِ هڪ سنگين خطرو آهي، ان جا اثر واضح ۽ شديد ٿيند?? پيا وڃن جنهن جو اظهار پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مان ٿئي ٿو. هن چيو ??ه عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ حصي جي باوجود پاڪستان کي گرمي جي لهرن، برطانوي طوفان، سوڪهڙي، طوفاني برساتن ۽ شديد چوماسي جي صورت ۾ قدرتي آفتون درپيش آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي انساني جانين جي زيان کانسواءِ معاشي نقصان درپيش آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ??و ذڪر ڪندي چيو ??ه ان سان جاني ۽ معيشت کي نقصانن سان گڏوگڏ اهم انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان ٿيو ??هي. هن چيو ??ه معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ??هي. پرڏيهي وزير هلندڙ مهيني جي شروع ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ مختلف ملڪن جي اڳواڻن پاران ملاقات دوران اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيو.