ڪراچي – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه طرفان خيبرپختونخوا، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد، ريليف ۽ بحالي جون سرگرميون ڀرپور طريقي س??ن جاري آهن. پاڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ فضائيه پنهنجن ميڊيڪل ڪيمپن ۽ موبائل ميڊيڪل ٽيمن ذريعي ٻوڏ متاثرن کي ضروري خطي امداد ف??اه?? ڪري رهي آهي. پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس پڻ ٻوڏ متاثرن ۾ پاڻي س??ب پيدا ٿيل بيمارين جي سڃاڻپ ۾ سرگرم آهن. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن ٽرانسپورٽ فليٽ، هيليڪاپٽرن ۽ ٻيڙين ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل مقامي ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن ۾ خشڪ راشن، پچ??ل کاڌو، پائڻ جو صاف پاڻي ۽ عام واهپي جون ٻيون شيون ورهايون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورت مند خاندانن ۾ 18 هزار 20 پچ??ل کاڌي جا پيڪيٽ، 340 پاڻي جون بوتلون ۽ 560 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا. وڌيڪ اهو ته مفت خوراڪ ۽ رهائشي جي ف??اه??ي کان علاوه پاڪ فضائيه جون ميديڪل ٽيمون 878 مريضن جو مفت طبي معائنو پڻ ڪيو.