??سل??م آباد -18 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين باوجود حڪومت پو??يو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??رلن ۾ ٿيل ورلڊ هيلٿ سمٽ ۾ پو??يو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 27 کان وڌيڪ پو??يو ورڪرز پاڪستان کي پو??يو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن. هن چيو ته پاڪ فوج خطرناڪ علائقن ۾ پو??يو ورڪرز جي سيڪيورٽي ۾ ڀرپور مدد ڪري رهي آهي جيڪا تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته جامعه الازهر يونيورسٽي جي شيخ العرب جي مفتي پروفيسر ڊاڪٽر طيب جي فتويٰ پاڪستان ۽ مسلم دنيا لاءِ پيغام آهي ته ٻارن کان صحت جو حق کسڻ ??سل??م جي تعليم جي ابتڙ آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته اسان پو??يو جي خاتمي جي بلڪل ويجهو آهيون، دنيا پاڪستان سان بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان پو??يو جي خاتمي لاءِ اثرائتن قدمن کي يقيني بڻائي رهيو آهي. ان موقعي تي جرمن اڪنامڪ وزير سونجا شولز چيو ته جرمني گلوبل پو??يو جي خاتمي لاءِ 23 ملين يورو جو اعلان ڪيو. سعودي عرب گلوبل پو??يو جي خاتمي لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جو اعلان ڪيو آهي. بل گيٽس دنيا ۾ گلوبل پو??يو جي خاتمي لاءِ 1.2 بلين ڊالرن جو اعلان ڪيو آهي. آسٽريليا 43.55 ملين ڊالرن، فرانس 50 ملين يورو، ڪوريا 3.2 ملين ڊالرن، سي اي او گاوي چيو ته پو??يو ورڪرز پاڪسان جا اصلي هيرو آهن. روشيل ويلنسڪي ڊائريڪٽر سي ڊي سي آمريڪا چيو ته پو??يو جي تازه ڪيس جيڪي اسرائيل ۽ لنڊن ۾ نظر آيا آهن ??هي دنيا کي ٻيهر پو??يو جي خطري سان ملي مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏ ڪرڻ لاء?? ڪافي آهن. پاڪستاني وفد ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر فيصل، پو??يو جي نيشنل پروگرام مئني??ر ۽ ميجر جنرل عامر اڪرام موجود هئا.