ڪراچي – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد علي شاهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل (سينٽرل ۽ ويسٽ ايشين ڊپارٽمينٽ) مسٽر يوجينيو زوخوف Mr. Eugenue Zhukov سان ملاقات ۾ چيو ته عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثر?? جي گهر?? جي تعمير لاءِ گهربل رقم 1500 ارب رپين مان 110 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي تنهنڪري ايشيائي بئنڪ وڌيڪ فنڊ جي کوٽ پورو ڪرڻ لاءِ مدد ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وز??ر چيو ته موسمياتي تبديلين سبب سخت برساتن ۽ ٻوڏن دوران متاثرين (ماڻهن) جا 18 لک گهر تباهه ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ابتدائي ڪاٿي موجب 1.8 ملين گهر?? جي تعمير لاءِ 1500 ارب رپيا گهربل آهن. سنڌ جي وڏي وز??ر چيو ته عالمي بئنڪ ٽوٽل گهربل 1500 ارب رپين مان 110 ارب رپيا (500 ملين ڊالر) ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايشيائي بئنڪ 1390 ارب رپين جو کوٽ پورو ڪرڻ چاهي ته اسان ٿورائتا رهنداسين ته جيئن سمورن بي گهر ماڻهن کي پناهه/ گهر ??را??م ڪري سگهجن. دوري تي آ??ل اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل وڏي وز??ر کي ٻڌايو ته هن وفاقي حڪومت سان 475 ملين ڊالرن جو واعدو ڪيو آهي جنهن مان 300 ملين ڊالر تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ صوبائي حڪومت جو حصو شامل آهي. 475 ملين ڊالرن مان 100 ملين ڊا??ر NHA کي ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي جي تعمير لاءِ ڏنا ويندا. مراد علي شاهه مسٽر يوجينيو کي ٻڌايو ته مجموعي طور تي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ صوبي کي موسمياتي تبديلين سبب گهڻو نقصان پهتو آهي جنهن ۾ ملڪ جي اخراج جو حصو 0.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وز??ر عالمي برادري ۽ ڊونر ايجنسين تي زور ڀريو ته هو متاثر ماڻه?? جي بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي حوالي سان سهڪار ڪن. مسٽر يوجنيو چيو ته ايشيائي بئنڪ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي?? جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ منصوبو ??را??م ڪندو جنهن تي اي ڊي بي ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي وچ ۾ ڳالهيون غور ويڄار هيٺ اينديون. وڏي وز??ر اي ڊي بي جي دوري تي آ??ل ڊي جي کي ٻڌايو ته مختلف ڳوٺن جا مکيه روڊ ۽ سندن شهرن سان ڳنڍيندڙ ننڍن رست?? جي صورتحال خراب آهي. وڏي وز??ر ننڍن رست?? جي بحالي لاءِ هڪ منصوبو تجويز ڪيو ته جيئن ماڻه?? جي روزاني آ??دني ۽ معيشت لاءِ اچ وڃ کي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وز??ر ۽ اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل صوبائي روڊ?? جي بحاليءَ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي جنهن لاءِ پي اينڊ ڊي ۽ ورڪس کاتو بئنڪ سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.