راولپنڊي-23 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل ق??ر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج جي سياست ۾ مداخلت غير آئيني آهي، گذريل سال فيبروريءَ ۾ فيصلو ڪيو هو ته اڳتي ڪنهن سياسي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته م??ڪ ۾ پرڏيهي سازش ٿئي ۽ فوج هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي، اڳوڻي اوڀر پاڪستان فوجي نه پر سياسي ناڪامي هئي، اسان کي جمهوريت جي روح کي سمجهندي ۽ عدم برداشت جي فضا کي ختم ڪندي پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اختيار ڪرڻو آهي، سليڪٽيڊ ۽ امپورٽڊ جهڙا لقب ۽ رويا رد ڪري فتح ۽ شڪست کي قبول ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي يومِ دفاع ۽ شهداء تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف جنرل ق??ر جاويد چيو ته اڄ يومِ شهداء پاڪستان کي آرمي چيف طور آخري ڀيرو خطاب ڪري رهيو آهيان، ٻوڏ سبب يومِ شهدادء دير سان منعقد ڪيو ويو، شهيدن جا وارث اسان ??و فخر آهن، انهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين، 6 سال جي مُدي ۾ شهيدن جي پونيئرن کي هميشه اُتم رکيو، شهيدن جي قربانين جو صلو نٿا ئي سگهون جڏهن ته توهان ??ي پيارن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. آرمي چيف چيو ته مونکي فخر آهي ته 6 سال هن فوج جو سپهه سالار رهيو آهيان، فوج جو بنيادي ڪم ملڪ جي جاگرافيائي حدن جي حفاظت ڪرڻ آهي، جڏهن ته پاڪ فوج هميشه پنهنجي سگهه کان وڌي ڪري پنهنجي قوم جي خدمت ۾ هميشه اڳتي رهي آهي، ريڪوڊڪ جو معاملو هجي يا ڪار ڪي جو ڏنڊ، ايف اي ٽي ايف جا نقصان هجن يا ملڪ کي وائيٽ لسٽ سان ملائڻ يا فاٽا کي ضم ڪرڻ، بارڊر تي ڪنڊيدار تارون وڇائڻيون هجن يا قطر مان ??ستي گيس مهيا ڪرائڻ يا دوست ملڪن کان قرض جاري ڪرائڻ، ڪووڊ جو مقابلو يا ماڪڙ جو خاتمو، ٻوڏ دوران ??مدادي ڪارروايون هجن، فوج هميشه پنهنجي ميڊيٽ کان ??ڳتي وڌي قوم جي خدمت ڪئي آهي ۽ انشاءَ الله ڪندي رهندي. هن چيو ته مان ??وهان کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن ڪمن باوجود فوج پنهنجي بنيادي ڪم ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ کان ڪڏهن به غافل نه ٿيندي، توهان ڄاڻو ٿا ته اڄ اسان ??ي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪو امن آهي ان ??ي پويان ??سان ??ي هزارين شهيدن جون قربانيون آهن، جن کي ڪڏهن به نٿو وِساري سگهجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي قومون پنهنجي شهيدن کي وِساري ڇڏينديون آهن اهي ختم ٿي وينديون آهن. آرمي چيف جنرل ق??ر جاويد چيو ته مان ??ڄ هڪ اهڙي موضوع تي پڻ ڳالهائڻ چاهيان ٿو جنهن تي اڪثر ماڻهو ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا ۽ اها ڳالهه 1971ع ۾ اسان ??ي فوج جي اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ ڪارڪردگيءَ بابت آهي. هن چيو ته مان هتي ڪجهه حقيقتون دُرست ڪرڻ چاهيان ٿو، اڳوڻو اوڀر پاڪستان هڪ فوجي نه پر هڪ سياسي ناڪام هئي. جنگ وڙهندڙ فوجين جو انگ 92 هزار نه صرف 34 هزار هو، باقي ماڻهو مختلف سرڪاري کاتن جا هئا ۽ انهن 34 هزار ماڻهن جو مقابلو اڍائي لک ڀارتي فوج، 2 لک تربيت يافته مڪتي باهني سان هو، جڏهن ته ان ??اوجود اسان ??ي فوج تمام بهادريءَ سان وڙهي ۽ بي مثال قربانيون پيش ڪيون، جنهن جو اعتراف پاڻ اڳوڻي ڀارتي آرمي چيف فيلڊ مارشل مانيڪشا به ڪيو. انهن بهادر غازين ۽ شهيدن جي قربانين جو اڄ تائين قوم اعتراف ناهي ڪيو جيڪا تمام و??ي زيادتي آهي. هن چيو ته ڪجهه ڳالهيون سياسي صورتحال جي حوالي سان ڪرڻ چاهيندس، مان ڪافي سالن کان ??ن ڳالهه تي غور ڪري رهيو هئس ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني حقن جي خلاف ورزي ڀارتي فوج ڪندي آهي پر ان ??ي عوام انهن کي تنقيد جو نشانو نه بڻائيندي آهي، ان ??ي ابتڙ اسان ??ي فوج ڏينهن رات قوم جي خدمت ۾ مصروف رهندي آهي ۽ هميشه تنقيد جو نشانو بڻجندي آهي. منهنجي ويجهو ان ??و وڏو سبب 70 سال کان فوج جي مختلف صورتن ۾ سياست ۾ مداخلت آهي جيڪو غير آئيني آهي، ان لاءِ گذريل سال فيبروريءَ ۾ فوج تمام گهڻي سوچ ۽ غور کانپوءِ فيصلو ڪيو ته اڳتي فوج ڪنهن به سياسي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي. هن چيو ته مان ??وهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ان ??ي سختيءَ سان ??مل ڪنداسين ۽ اڳتي به قائم رهنداسين، تڏهن ته ان ??ئيني عمل جي آجيان ڪرڻ بجاءِ ڪجهه حلقن فوج کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائي غير مناسب ۽ ڪِريل ٻوليءَ جو استعمال ڪيو. فوج تي تنقيد عوام ۽ سياسي پارٽين جو حق آهي، جڏهن ته لفظن جي چونڊ ۽ استعمال ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي. هڪ جعلي ۽ ڪوڙو بيانيو بڻائي م??ڪ ۾ بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪئي وئي ۽ هاڻي ان ڪوڙي بيانيي کان ??اهه فرار اختيار ڪئي پئي وڃي. سول ملٽري ليڊرشپ کي غير مناسب لقبن سان ??ڏيو ويو، مان ??وهان کي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته فوج جي قيادت ڪجهه به ڪري سگهي ٿي پر ڪڏهن به ملڪ جي مفاد خلاف نٿي وڃي سگهي. مون کي اميد آهي ته سياسي پارٽيون به پنهنجي روين تي نظرثاني ڪنديون، اسان کي پنهنجي غلطين مان ??بق سکي اڳتي وڌڻ گهرجي، اڄ پاڪستان ??نگين معاشي بحران ??و شڪار آهي. ڪا به هڪ پارٽي انهن مسئلن مان ن??ي ڪڍي سگهي، وقت اچي ويو آهي ته اسٽيڪ هولڊرز ماضي جي غلطين مان ??کي اڳتي وڌن، پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اختيار ڪرڻو پوندو، کٽڻ هارائڻ سياست جو حصو آهي، هر پارٽي کي پنهنجي شڪست ۽ فتح کي قبول ڪرڻو پوندو. اسان لاءِ پاڪستان نعمت خداوندي آهي. شهيدن جي پوئينرن جي تقريب ۾ آمد تي شڪر گذار آهيان، اڄ تجديد عهد جو ڏينهن آهي، اسان ??ڀ گڏجي پاڪستان ??ي بهتري لاءِ ڪم ڪنداسين، مادر وطن لاءِ ڪنهن قرباني کان پوئتي نه هٽنداسين، آرمي چيف چيو ته ڇا توهان ??هو سمجهو ٿا م??ڪ ۾ هڪ پرڏيهي سازش ٿئي ۽ آرمڊ فورسز هٿ تي هٿ رکي خاموشي ويهي رهندي؟ اهو ناممڪن آهي، پر اهو گناهه ڪبيره آهي، جيڪي ماڻهو اهي سمجهن ٿا ته هو فوج ۽ عوام ۾ ڏار وجهندا اهي به هميشه ناڪام ٿيندا، فوج جي قيادت وٽ ان نامناسب يلغار جو جواب ڏيڻ لاءِ ڪيترائي موقعا ۽ وسيلا موجود هئا پر فوج ملڪ جي مفاد ۾ حوصلي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪو به ناڪاري بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو. هن چيو ته اها ڳالهه سڀني کي پنهنجي ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته ان ??بر جي هڪ حد آهي، مان پنهنجي ۽ فوج خلاف ان نامناسب ۽ جارحاڻي رويي کي درگرز ڪري اڳتي وڌڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته پاڪستان ??سان ??ڀني کان ??فضل آهي، ماڻهو ۽ پارٽيون ته اينديون وينديون رهنديون آهن پر پاڪستان ??نشاءُ الله قائم رهندو. آرمي چيف چيو ته فوج ته پنهنجو ڪيٿارسس شروع ڪري ڇڏيو آهي، مون کي اميد آهي ته اسان ??ون سياسي پارٽيون به پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪنديون، اها به حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ هر اداري، سياسي پارٽي ۽ سول سوسائٽي کان ??ه غلطيون ٿيون آهن اسان کي انهن غلطين مان ??بق سکڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌڻ گهرجي. مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان ??ڄ سنگين معاشي ڏکيائين جو شڪار آهي ۽ ڪا به هڪ پارٽي پاڪستان کي هن معاشي بحران مان ن??ي ڪڍي سگهي، ان لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڀ اسٽيڪ هولڊرز پنهنجي ذاتي انا کي هڪ طرف رکندي ماضي جي غلطين مان ??کن ۽ اڳتي وڌن ۽ پاڪستان کي ان ??حران مان ڪڍن. هن چيو ته ان ??ان گڏوگڏ اسان کي جمهوريت جي روح کي سمجهندي ۽ عدم برداشت جي فضا کي ختم ڪندي پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اختيار ڪرڻو آهي. 2018ع جي عام چونڊن جي حوالي سان ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل ق??ر جاويد باجوه چيو ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڪجهه پارٽين آر ٽي ايس جي ويهڻ کي بهانو بڻائي کٽيل پارٽي کي سليڪٽيڊ جو لقب ڏنو ۽ 2022ع ۾ اعتماد جو ووٽ وڃائڻ کانپوءِ هڪ پارٽي ٻي پارٽي کي امپورٽيڊ جو لقب ڏنو، اسان کي ان ??ويي کي رد ڪرڻو پوندو، کٽڻ ۽ هارائڻ سياست جو حصو آهي هر پارٽي کي پنهنجي فتح ۽ شڪست قبول ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو.