رياض-19 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب جي اقتصادي منصوبابندي جي وزير فيصل ابراهمي چيو آهي ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خاص اجلاس جي ميزباني سعودي عرب ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب جاري ڪيل بيان ۾ س??ودي وزير چيو آهي ته 28 ۽ 29 اپريل تي ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خاص اجلاس ۾ عا??مي سهڪار، ا??سر واري شرح ۽ توانائي جي موضوع تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، هن چيو ته مستقبل ۾ س??ودي عرب وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور هوندو،سعودي عرب پنهنجي پيداواري ۽ اقتصادي ڪارڪردگي کي وڌائڻ لاءِ سياحت کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، درپيش مسئلن کي نظر ۾ رکندي سعودي عرب ويزن 2030 ترتيب ڏنو ۽ ان تي عمل ڪري رهيو آهي.اي پي پي/ ع – ا/ 11:20