راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي سامونڊي فوج پاران ??ربي سمنڊ ۾ گڏيل فوجي مشقون منعقد ڪيون ويون. مشقن ۾ پاڪستاني سامونڊي فوج جي جنگي جهاز ذوالفقار جڏهن ته ڪورين سامونڊي فوج جي جنگي جهاز وينگ جي اون شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب مشق دوران مختلف سامونڊي آپريش??ز جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جو مقصد گڏيل آپريش??ز جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ پ??شوراڻن رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. ٻئي جهاز ڪمبائنڊ ميري ٽائم فورسز تحت ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس (سي ٽي ايف-150) ۽ (سي ٽي ايف-151) تحت آپريٽ ڪري رهيا آهن. (سي ٽي ايف-150) ۽ (سي ٽي ايف-151) جو مقصد سمنڊ ۾ منشيات جي اسمگلنگ ۽ سامونڊي ڌاڙيلن جهڙين غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ آهي. سامونڊي مشقون علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان ??ي سامونڊي فوج جي عزم جو مظهر آهن. پاڪ بحريه خطي ۾ هر طرح جي روايتي ۽ غير رواي??ي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.