اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، سي پيڪ ذريعي نئين منصوبن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو نئون دور شروع ٿيندو ۽ ان جو فائدو پاڪستان جي عوام کي ٿيندو. هو چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن (??ين ڊي آر سي) جي وائيس چيئرمين ننگ جيزي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.