اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، رياست جو چوٿون ٿنڀ هجڻ جي حيثيت سان ميڊيا جو معاشري ۽ حڪومتي قدمن تي عوامي راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريا?? واري وزارت ۾ سڌارن، حڪومت پاران شروع ڪيل عوامي ڀلائي جي منصوبن، معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي ڏس ۾ پر??س انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ڪردار ۽ مستقبل جي حڪمت علي تي بريفنگ وٺندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاو?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، شهباز گل، اطلاعا?? واري سيڪريٽري زاهده پر??ين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.