سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو اهي ته 2020ع نئين سر تعمير ۽ پاڪستان جي بهتري جو سال هوندو، اهو سال نئين پاڪستان جي نئين ??نگ ۽ ڍنگ کي اڳتي وٺي هلڻ جو سال آهي، موجوده حڪومت پنهنجو پهريون سال س??ار?? ۾ گذاريو جنهن سبب عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ مشڪلاتن کي به منهن ڏيڻو پيو ڇو ته س??ار?? جو عمل تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، نظام کي بدلائڻ جي جدوجهد ۾ ان سڙيل ??ظام سان جڙيل طاقتور طبقن ۽ رڪاوٽن کي هٽائڻ ۾ مشڪلاتون هونديون آهن، گذريل حڪومت معيشت کي ننڍا ننڍا پر نه تمام وڏا زخم ڏنا، قرضن کي ملڪي سطح جي بدترين جڳهه تي ڇڏيو، ڪرپشن جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ وڏي سرجري جي ضرورت هئي، سيالڪوٽ ۾نساءِ انسٽيٽيوٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون پنهنجو پاڻ ??ي خوش قسمت سمجهان ??ي ته الله تعاليٰ مون کي توهان ??اءِ چونڊيو ۽ اها ذميداري ڏني ته آئون توهان جي سُڃاڻپ بڻجان ۽ توهان جي حقن جي ڳالهه ڪري سگهان.