اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا وي آءِ پي شخصيت جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي وي آءِ پي شخصيت جو نالو ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي آهي جنهن جي وفاقي ڪابينا اتفاق راءِ سان توثيق ڪري ڇڏي، ڪابينا ملڪ ۾ هڪ ٻيو هڪجهڙو قانون لاڳو تي اتفاق ڪيو، ??فاقي ڪابينا گهرو وزارت طرفان ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا ??امل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ جي حوالي سان تجويز، زندگي بچائيندڙ سميت ٻين اهم 89 دوائن جي قيمت ۾ 15 سي??ڙو گهٽتائي، لائن آف ڪنٽرول تي رهندڙ ماڻهن جي لاءِ خصوصي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊا??ٽر ظفر مرزا سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪايبنا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 12 ڊسمبر 2019ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي آهي.