اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خط لکندي ئي نواز شريف جي بيماري جي تازي صورتحال سامهون اچڻ ش??وع ٿي وئي آهي، سندس بيماري تي حڪومت نه سندس پنهنجي پارٽي ئي سياست ڪري رهي آهي، بلاول ڀٽو لاهور کي ڇڏي پنهنجي صوبي ۾ مائيڪ جي ڦاهي سان قتل ڪيل صحافي جي خاندان کي ان??اف فراهم ڪري، ٻار قوم جو مستقبل آهن، معصوم گلن کي ڪچلڻ وارن کي سخت سزائون ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان انهن سمورين پارٽين جن ان جي منظوري ۾ حصو ورتو انهن کي مبارڪباد پ??ش ڪريان ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.