اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان قوم کي ڪرونا وبا جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تبديرن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري ئي ان وبا کان ??چي سگهجي ٿو، لاڪ ڊائون ۾ زرعي شعبي کي مڪمل ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي، 14 اپريل تي تعميراتي شعبو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، اڄ خميس کان ??حساس پروگرام جي امدادي پروگرام تحت 12 هزار رپيا في خاندان ??مداد ڏني ويندي، سڄي ملڪ ۾ 17 هزار جاين تان ??وام کي رقم ڏني ويندي، پهرين مرحلي ۾ 23 لک خاندانن کي امدادي رقم ڏني ويندي، امدادي رقم جي فراهمي ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ايندڙ اڍائي هفتن تائين 144 ارب رپيا ورهايا ويندا، پاڪستان ??حريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جو حصو بڻجن، اها ٽائيگر فورس غريب ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرونا جي صورتحال جي ڏس ۾ بريفنگ دوران ڪيو.