اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي وبا جي وڌندڙ رجحان سبب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي 5 جون کان ش??وع ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي لاءِ صحت واري وزارت ۽ صحت جي عالمي اداري پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي ۽ اجلاس منعقد ??رڻ جي لاءِ موثر انتظامن جي پڻ هدايت جاري ڪئي آهي. انهن انتظامن موجب پارليامينٽ جو اجلاس باقاعده طور تي پاڪستان ٽيليويزن ذريعي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو ته ج??ئن ميڊيا جي نمائندن کي ڪوريج جي لاءِ متبادل ذريعو ملي سگهي. ميڊيا جي نمائندن کي گذارش ڪئي ويندي ته اجلاس جي ڪارروائي لاءِ پي ٽي وي ٽرانسميش?? مان فائدو کڻن.