اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي لاءِ مخصوص ڪيل فنڊز جي وقت سر جاري ڪرڻ کي ??قي??ي بڻايو ويندو، توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل ادارن جي بور?? آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نمائندگي کي ??قي??ي بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختو??خو??هه صوبي سان لاڳاپيل معاملن خاص طور تي توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل معاملن ۽ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي عمل جي حوالي س??ن اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايو?? خان، خيبرپختو??خو??هه جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختو??خو??هه جي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار، مالي سال 20 – 2019ع جي خرچن ۽ هلندڙ مالي سال جي لاءِ مخصوص ڪيل بجيٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.