اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته استاد جو معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار وڏي اهميت رکندڙ آهي، تدريس اهو مقدس پيشو آهي جيڪو الله تعاليٰ پنهنجي نبين کي انسانيت جي ڀلائي لاءِ عطا ڪيو. خاتم النب??ن حضرت محمد ﷺاستادن جي عزت ۽ احترام کي لازمي قرار ڏنو ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استادن جي عالمي ڏ??نهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 5 آڪٽوبر تي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو ??هي.